فيصل آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان حقيقي معنيٰ ۾ قائداعظم جي پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي?? پاڪستان جو دفاع ۽ حڪومت مضبوط هٿن ۾ آهي، ڪير به ميري اک سان پاڪستان ڏانهن نٿو ڏسي سگهي?? پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، قومي جهنڊي جي سربلندي لاءِ هر وقت پنهنجو ??رد??ر ادا ڪرڻو آهي، اڄ اسان کي والاريل ڪشمي?? جي مظلوم ڪشميرين کي به ناهي وسارڻو، مودي 80 لک ڪشميرين کي قيد ڪري رکيو آهي، سموري حريت قيادت گرفتار آهي. هو ڪمشنر آفيس فيصل آباد ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪنن، ڪمشنر، فيصل آباد جي ڊي سي?? پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ علائقي جي چڱن مڙسن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جشن آزادي جو موقعو محرم الحرام ۾ آهي، ان جو احترام به آهي، هن چيو ته علامه اقبال جيڪو خواب ڏٺو ان جي تعبير قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ اسان جي بزرگن جي لازوال جدوجهد ۽ قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي آزادي جي شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا?? پاڪستان جي حفاظت لاءِ جانين جو نذرانو ڏيڻ ۽ انهن مائرن کي به خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن جي ٻارن پنهنجي رت سان پاڪستان جي اندر امن جا ڏيئا روشن ڪيا آهن، هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، سياچن کان وٺي ڪشمير، افغانستان کان وٺي چولستان جي سخت اُس ۾ پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙن کي به سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي ايٽمي طاقت آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي بي شمار نعمتن سان نوازيو آهي، دنيا جون بلند ترين جابلو چوٽيون پاڪستان ۾ موجود آهن، ساڍا ڇهه سئو ڪلوميٽر تائين ساحلي علائقو، ٻنيون ٻارا به آهن، اسان جي مشهور رانديگرن دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، هن چيو ته 90 لک پاڪستاني دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي رت ۽ پگه?? جي ڪمائي مٽاسٽا ناڻي جي ذريعي پاڪستان موڪلي رهيا آهن، اهي پاڪستان لاءِ سوچيندا آهن، هن چيو ته جيڪو اصول قائداعظم محمد علي جناح ايمان، اتحاد تنظيم جو رکيو هو انهي کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. اسان کي حقيقي معنيٰ ۾ پاڪستان کي قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي. ڪا به طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿي ڏسي سگهي?? پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، قومي جهنڊي جي سربلندي لاءِ هر وقت پنهنجو ??رد?? ادا ڪرڻو آهي، هن چيو ته اڄ اسان کي والاريل ڪشمي?? جي مظلوم ڪشميرين کي به ناهي وسارڻو، مودي 80 لک ڪشميرين کي قيد ڪري رکيو آهي، سموري حريت قيادت گرفتار آهي، هن چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمير جا جوان، بزرگ، مائرون ۽ ڀينرون به آزادي جو ساهه کڻي سگهنديون?? پاڪستان ڪشميرين جي پرامن جدوجهد جي حمايت جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Massive fire destroys a restaurant at Karachi’s Do Darya
-
Iftar dinner hosted by Parliamentary Secretary for Housing
-
Ishrat Ali Lohar elected as President SHCBA Hyderabad
-
Pakistan stuns world with strong response to Indian aggression, gains global praise
-
KP property dealers oppose new valuation rates by FBR
-
Modi’s assertions termed a bid to dilute Kashmir Intifada
-
Pakistan to get 100 percent universal connectivity by 2018′
-
China confirms export of eight submarines to Pakistan
-
US expresses grief over PIA plane crash
-
Nothing wrong with the aircraft, asserts PIA
-
لکی کیٹ آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا مرکز
-
لکی کیٹ آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا مرکز