اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جو خصوصي قدم، پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين سڄي ملڪ جي صحافين جي لاءِ تربيتي ورڪشاپس جي شروعات ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ 20 کان وڌيڪ تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن جن ۾ 1500 جي لڳ ڀڳ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان مختلف موضوعن تي تربيت ڏني پئي وڃي. پاڪستان انفارميشن سينٽر جي قيام جو مقصد سڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. ان کان اڳ 2022ع ۾ پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران مختلف موضوعن تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا هئا جن ۾ 700 کان وڌيڪ صحافين کي تربيت ڏني وئي. صحافتي حلقن خاص طور تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ ٻين صحافت تنظيمن پاران پڻ اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت جي ان قدم کي خوب ساراهيو ويو. انهن تربيتي ورڪشاپس جي انعقاد جو سلسلو نه رڳو صوبائي گادي وارن شهر پر ملڪ جي ٻين علائقن خاص طور تي اندرون بلوچستان، سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن تائين ڦهلايو پيو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ رهندڙ صحافين کي به تربيتي ورڪشاپس مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملي سگهي. پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انويسٽي گيٽو جرنلزم، ڊيجيٽل ميڊيا اٿينٽسٽي، فيڪ نيوز ۽ ڊاڪيومينٽري ??يڪنگ جهڙن اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن. انهن تربيتي ورڪشاپس ۾ سينيئر جرنلسٽس، ميڊيا معاملن سان لاڳاپيل ماهرن، ماس ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽس جي استادن کان فائدو کنيو پيو وڃي ۽ انهن کي بطور ٽرينر انهن ورڪشاپس ۾ گهرايو پيو وڃي. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ ري??ست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان 28 ۽ 29 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪيو پيو وڃي.
متعلقہ مضامین
-
ڈریگن اور ٹریژرز آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
ویمپائر ایمولیٹ آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
Majestic Treasure: تفریح کا شاہی خزانہ
-
Oppositions ToRs dead final, says Rasheed
-
Dead bodies of two children recovered from Race Club water pond
-
ECP to hold by-elections in PP-232 on July 14
-
Czech ambassador visits HEC
-
No clear signs of rainfall in Karachi
-
Fire and Rose Clown Game Download - Urdu
-
فروٹ کینڈی آفیشل گیم کی سرکاری ویب سائٹ اور کھیل کے راز
-
جیا الیکٹرانکس ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کا تعارف اور خصوصیات
-
جنوب مشرقی آن لائن معروف بیٹنگ لنکس کی معلومات اور تجزیہ