اسلام ??با?? – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جمعي ڏينهن اسلام ??با?? ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي مرڪزي ڪئمپس ۽ چشما – 5 نيوڪليئر پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهو ڪئمپس تعمير کانپوءِ پاڪستان ۾ ٽيڪنيڪل ۽ صنعتي تعليم جي فروغ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪندو. هن وقت نيوٽيڪ يونيورسٽي تحت جديد علم ۾ 7 گريجوئيٽ پروگرام ڪرايا پيا وڃن. هلندڙ سال يونيورسٽي وڌيڪ گريجوئيٽ ۽ ماسٽرز پروگرامز جي شروعات ڪندي. وزيراعظم اڄ يوٿ سنگل ڊيولپمينٽ پروگرام جي به شروعات ڪندو. پروگرام تحت پاڪستان جي نوجوانن کي عالمي سطح تي افرادي قوت کي مقابلي جي لاءِ تيار ڪيو ويندو. ان مقصد جي لاءِ انهن کي صنعتن جي گهرج موجب جديد هنر سيکاريا ويندا. اين اي وي ٽي ٽي سي پنهنجي مقامي ۽ عالمي حصيدارن جي تعاون سان 2023ع کان 2027ع تائين 19.33 ارب رپين جي لاڳت سان 2 لک 84 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي جديد چٽاڀيٽي هنر ۾ پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪندي. اهو پروگرام نوجوانن کي نه رڳو مقامي پر عالمي سطح تي روز??ار حاصل ڪرڻ ۾ مدد??ار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ان موقعي تي تقريب کي خ??اب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف اڄ چشما – 5 نيوڪليئر پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ 5 جي نه رڳو لاڳت ۾ گهٽتائي آندي وئي پر ان جي سگهه کي 1100 ميگاواٽ مان وڌائي 1200 ميگاواٽ ڪيو ويو آهي. چشما – 5 جنهن جي معاهدي تي 2017ع ۾ صحيحون ٿيون، گذريل 5 سالن کان التوا جو شڪار رهيو. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي ملڪ ۾ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي جي ويزن تحت ان منصوبي تي ڪم کي ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ان موقعي تي تقريب کي خ??اب پڻ ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
حکمت کے عجائبات آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
لکی کیٹ ہونسٹ انٹرٹینمنٹ اینٹرنس
-
At least four killed, one injured in Lakki Marwat blast
-
Allama Iqbals 78th death anniversary observes today
-
ECP issues schedule for LG by-election in KP
-
NAP, Zarb-e-Azb to continue against militants: PM vows
-
Government tightens noose on terrorism financing networks
-
Pakistan felicitates newly elected UN chief
-
UK-based PML-N leader scams millions from innocent people
-
Five Indian soldiers trapped under snow near LoC
-
Punjab to recruit 616 jail wardens
-
Jiaduobao Electronic Game Platform Official Download Guide