ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار عل?? شاهه چيو آهي ته نريندر مودي هاڻي ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم فوري طور تي بند ڪري، ڀارت جو نام نهاد سيڪيولر رياست جو ماسڪ لهي چڪو آهي ۽ مودي جي شڪل ۾ ان جي اصل انتهاپسند شڪل ظاهر ٿي چڪي آهي، ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري ڪري. تعليم واري زير سيد سردار عل?? شاهه ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪي?? پنهنجي بيان ۾ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشمير تا??يخ?? طور تي انڊس سولائيزيشن جو حصو آهي ۽ جواهر لعل نهرو پاڻ پنهنجي ڌيءَ اندر گاڌي کي خط ۾ لکيو هو ته انڊيا پاڻ انڊس مان نڪتو آهي، جيئن ته اڄ جو پاڪستان آهي ته انهي حساب سان ڪشمير تا??يخ?? طور تي پاڪستان جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نريندر مودي جي شڪل ۾ ڀارتي حڪومت جو اصل انتهاپسند مڪروهه چهرو ظاهر ٿي ويو آهي جنهن مسلسل ڪشميرين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي جنهن کي اسان رد ڪريون ٿا، عالمي دبيا چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن تي گذريل 73 سالن کان ڀارت شرمناڪ انسانيت ڪش ظلم ڪري رهيو آهي. سردار عل?? شاهه چيو ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪو به ظلم ٿئي اهو ظلم پوري انسانيت جي خلاف آهي ڀلي اهو ڪش۾ير ۾ ڀارت پاران ظلم هجي يا فلسطينين تي اسرائيل جي وحشياڻي انسانيت سوز ظلم هجي، اسان سڀ مظلوم قومن سان گڏ بيٺل آهيون. سردار شاهه چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪا جنگ ناهي چاهي پر سدائين اسان تي جنگ مڙهي وئي آهي ۽ اها به ڀارت پاران ڪيل سرحدي قانونن جي خلاف ورزين جي ڪري اسان جا فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن، اڄ به اسان جا معصوم ڪشميري ٻار ڀارتي ڪلسٽر بمن جو نشانو بڻجي رهيا آهن جن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Tragic IED blast in Mastung claims lives of three Balochistan constabulary personnel
-
Wisdom Wonders سرکاری تفریحی لنک
-
Ten Times Victory Official Entertainment App - تفریح کی دنیا میں انقلاب
-
Speed Winner Entertainment آفیشل ویب سائٹ
-
Senates panel unhappy over absence of media owners
-
Govt invites applications for annual India pilgrimage
-
Fasting to be longest in Denmark, Sweden; shortest in Argentina, Australia
-
SAARC conference begins today without India, Bangladesh
-
Deputy Mayor takes charge, vows to bring foreign investments
-
Tuberculosis claims 1.7m lives every year
-
Two kids die, 11 affected badly due to anti-polio drops
-
Family courts restrained from charging bailiff fee